ٽرمپ اسرائيل دوست ڪابينا نامزد ڪري مسلمان حامين کي مايوس ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي مسلمان نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪابينا ۾ اسرائيل جي حامي ماڻهن جي مقرري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ لڳا.
مسلمان اڳواڻن جو چوڻ هو ته سوئنگ اسٽيٽس ۾ ٽرمپ انهن جي ڪري کٽيو پر ٽرمپ جي ڪابينا اسرائيل ۽ يهودي حامين سان ڀري پئي وڃي، ائين لڳي ٿو ته ٽرمپ صدارتي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمانن سان ٺڳي ڪئي.
ڊونلڊ ٽرمپ غزا جنگ روڪڻ جي مخالف ۽ اسرائيل جي حامي مارڪو روبيو کي پرڏيهي وزير ۽ 2 رياستي حل جي مخالف ۽ اسرائيلي قبضي جي حامي مائيڪ هڪابي کي اسرائيل ۾ نئون آمريڪي سفير نامزد ڪري ڇڏيو.
اهڙي ريت هن ايليس اسٽيفانيڪ کي گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير نامزد ڪيو، جنگ جي خاتمي جا بيان ڏيندڙ ٽرمپ کان امن لاءِ ڪم ڪرڻ جي اميد هئي پر هن مايوس ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.