غزا (ويب ڊيسڪ) اتر غزا ۾ رهائشي عمارتن تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ 96 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ادارن کي حادثي واري هنڌ تائين به رسائي نه ملي، ڪيترائي ماڻهو ملبي ۾ دٻجي ويا، جڏهن ته شهادتن جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 43 هزار 846 ٿي ويو، هڪ لک 3 هزار 740 زخمي ٿي چڪا آهن.
Prev Post
You might also like