اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا خدشا ختم ڪرڻ جي ذميواري ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار کي ڏئي ڇڏي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي قانون ۽ انصاف واري صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته شهباز شريف اسحاق ڊار کي پ پ قيادت سان رابطو ڪري اتحادي پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
عقيل ملڪ چيو ته ڊپٽي وزيراعظم ان حوالي سان جلد بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو، اهي خدشا ڪنهن غلط فهمي جي ڪري پيدا ٿيا هوندا.
You might also like