قلات: ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 7 اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي ۾ 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ وڏي نفري اتي پهچي وئي ۽ علائقي جو گهيرو ڪري ورتو.
شاهه مردان چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا.
هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واقعي جي مذمت ڪندي شهيد اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.