احتجاج جو سڏ ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا ڪامياب نه ٿيندي: نواز شريف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر نواز شريف چيو آهي ته 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
پاڪستان روانگي کان اڳ لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ڪوڙي پروپئگنڊا ڪندڙن کي ڪوڙو ئي چونداسين، 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، احتجاج جو سڏ ڏيندڙ ڪامياب نه ٿيندا.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف 24 نومبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو سڏ ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.