ٻيهر صدر چونڊجڻ تي شهباز شريف سميت عالمي اڳواڻن جي ٽرمپ کي مبارڪباد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) صدارتي چونڊون کٽڻ کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ کي عالمي اڳواڻن طرفان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جا پيغام ملڻ جو سلسلو جاري آهي.
وزيراعظم شهباز شريف، برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر، اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيهر صدر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ان کانسواءِ ترڪ صدر رجب طيب اردگان، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني، مصري صدر فتح السيسي ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون به ٽرمپ کي مبارڪون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.