سرڪاري کاتن ۾ عارضي نوعيت جون سموريون جايون ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عارضي نوعيت جي سمورين جاين کي فوري طور ختم ڪري ڇڏيو.
فنانس ڊويزن موجب 3 سيپٽمبر تي ڪابينا ڊويزن پنهنجي سرڪلر ۾ هدايت ڪئي هئي ته سمورين عارضي نوعيت جي جاين کي ختم ڪيو وڃي.
هاڻ فنانس ڊويزن طرفان آفيس ميمورنڊم ۾ سمورين وزارت ۽ ڊويزنز کي چيو ويو آهي ته اهي پنهنجي انتظام هيٺ کاتن ۾ ڪابينا جي 27 آگسٽ 2024 جي فيصلي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين.
سرڪاري کاتن ۾ چوڪيدار، مالهي، سيڪيورٽي گارڊ ۽ نائب قاصد سميت ڪيتريون ئي جايون عارضي طور تخليق ڪيون وينديون آهن ۽ انهن تي ڀرتيون معمول جي ڳالهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.