پالڪ جا صحت لاءِ 6 بهترين فائدا ڪهڙا آهن؟ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪا غذائيت ميوا ۽ ڀاڄيون انساني صحت کي فراهم ڪري سگھن ٿا، انهن جو ڪو به متبادل ناهي.
ڪيتريون ئي اهڙيون ڀاڄيون آهن جن جي صحت تي پوندڙ هاڪاري اثرن بابت اسان هيل تائين اڻ واقف آهيون، پالڪ جي ڳڻپ به انهن ئي ڀاڄين ۾ ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي اندر ڪيترائي فائدا رکي ٿي.
گھڻا ماڻهو پالڪ کائڻ پسند ناهن ڪندا، پر پالڪ ۾ موجود غذائي جُز انساني صحت لاءِ هر طرح کان بهترين آهن.
پالڪ ۾ موجود غذائي جُز اسان جي صحت کي هي فائدا فراهم ڪندا آهن.
اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور
پالڪ گڏيل طور تي صحت لاءِ ڪارائتي حيثيت رکي ٿي، ڇو جو ان ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس فري ريڊيڪلز جي اثر کي ختم ڪندا آهن، اهي اينٽي آڪسيڊنٽس ڪنسر، دل جي بيماري ۽ ٽائيپ ٽو شگر جهڙين بيمارين کان بچائڻ ۾ مددگار آهن.
بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪندي آهي
هاءِ بلڊ پريشر دل جي بيمارين لاءِ خطري جو هڪ اهم عنصر آهي. پالڪ پوٽاشيم جو هڪ سٺو ذريعو آهي، جيڪو رت جي شريانين کي آرام ڏئي بلڊ پريشر کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
دماغي صحت کي بهتر ڪندي آهي
پالڪ دماغ جي صحت لاءِ بهترين غذائن مان هڪ آهي، ان جو سبب پالڪ ۾ موجود ليوٽين، بيٽاڪيروٽين، فوليٽ ۽ فيلوڪوئينن (وٽامن ڪي جي هڪ شڪل) جو گھڻو مقدار آهي.
اهي سڀ انساني دماغ جي خلين جي به حفاظت ڪندا آهن.
آئرن سان ڀرپور
پالڪ آئرن جو هڪ بهترين ذريعو آهي، آئرن هڪ اهڙي معدنيات جو هيموگلوبن (رت جي ڳاڙهڻ جيوگھڙن جو اهم جُز آهي) بڻائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
اهو سڀني عضون ۽ ٽشوز ۾ آڪسيجن آڻڻ جا ذميوار هوندا آهن.
فائبر سان ڀرپور
پالڪ آنڊن جي مائڪروبائيوم جي صحت جي حمايت ڪندي ۽ هاضمي جي نظام کي بهتر ڪندي آهي.
پالڪ ۾ موجود فائبر قبض کي ختم ڪرڻ لاءِ به بهترين آهي.
اکين جي نظر کي بهتر ڪندي آهي
عام طور تي گجر کي ئي اکين لاءِ فائديمند چيو ويندو آهي، پر گجر کانسواءِ پالڪ ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس ”ليوٽين“ ۽ ”زيڪسانٿن“ نه رڳو اکين جي نور کي بهتر ڪندا آهن پر موتيا کان بچاءَ ۾ به مدد ڪندي آهي.