راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ ٻين قيدين سان ملاقات لاءِ ايندڙن جي نگراني لاءِ نئون واءِ فاءِ انٽيگريٽڊ سسٽم لڳايو ويو ۽ بائيوميٽرڪ ويريفڪيشن ڊوائس به لڳائي وئي آهي.
نئون سسٽم لڳڻ کانپوءِ سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ جيل ۾ داخلا بند ڪئي وئي، نئين سسٽم ۾ بار ڪوڊ اسڪيننگ، واءِ فاءِ ڊوائسز ۽ جديد ٽيب شامل آهن، هي نظام نادرا ۽ گهرو کاتي جي سسٽم سان ڳنڍيل آهي.
سڃاڻپ ڪارڊ اسڪين ڪرڻ سان سڀ تفصيل ظاهر ٿي ويندا، سڃاڻپ ڪارڊ جي اسڪريننگ نه ٿيڻ تي ڪنهن کي داخلا جي اجازت نه ملندي.
You might also like