انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل آهي ته اڊيالا جيل جو دورو ڪن: زرتاج گل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ زرتاج گل چيو آهي ته انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل آهي ته اهي اڊيالا جيل جو دورو ڪن.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي زرتاج گل چيو ته اسان سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي تڪن مان ووٽ کڻي چونڊجي آيا آهيون، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اپوزيشن ليڊر اسان سان گڏ آهن.
هن چيو ته ملاقاتن تي پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ اسان پنهنجي ليڊر سان ملڻ آياسين، هڪ سياسي جماعت جي قيادت کي چيو ويو ته لکي ڏيو پنهنجي ليڊر سان سياسي ڳالهيون نه ڪندئو.
سندس چوڻ هو ته عوام کي بحران مان رڳو هڪ ئي ليڊر ڪڍي سگهي ٿو، اهو پي ٽي آءِ باني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.