اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽ اينڊ اميگريشن کاتي پاسپورٽ جي بيڪ لاگ جهڙي مسئلن مان ڇوٽڪاري لاءِ پاسپورٽ پرنٽ ڪندڙ وڌيڪ مشينون گهرائي ورتيون.
ذريعن موجب نيون مشينون فعال ٿيڻ سان پرنٽنگ جو عمل تيز ٿيڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته پاسپورٽ اينڊ اميگريشن کاتي مئي ۾ پاسپورٽ جي بيڪ لاگ جهڙن مسئلن مان ڇوٽڪاري لاءِ پاسپورٽ پرنٽ ڪندڙ نيون مشينون گهرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.
پاسپورٽ اختيارين جو چوڻ هو ته نيون مشينون ٻاهرئين ملڪن مان گهرايون وينديون، جيڪي هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ هزار پاسپورٽ پرنٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، نين مشينن ۾ 6 ڊيسڪ ٽاپ ۽ 2 اي پاسپورٽ مشينون به شامل آهن.
Next Post
You might also like