اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته چولستان ڪينال پراجيڪٽ ايڪنڪ ۾ نه آڻڻ گهرجي ها، ڇو ته سنڌ کي ان تي سخت خدشا آهن.
پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته سنڌ تڪراري چولستان ڪينال پراجيڪٽ جي مخالفت ڪري ٿو، وفاق جي هڪ ايڪي کي ڪينال پراجيڪٽ تي سخت خدشا آهن، وفاقي حڪومت ان جي تعمير کان پاسو ڪري، سنڌ حڪومت رد ڪري ڇڏيو ته سي ڊي ڊبليو پي کي تڪراري منصوبو منظور نه ڪرڻ گهرجي ها.
هن چيو ته سنڌ حڪومت ان مسئلي کي گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ اٿاريو آهي، اهو تڪراري منصوبن تي فيصلي لاءِ موزون آئيني فورم آهي.
سندس چوڻ هو ته سي ڊي ڊبليو پي جو فيصلو ۽ سي سي آءِ ۾ معاملو پيش ڪرڻ بنا ايڪنڪ کي موڪلڻ آئيني عمل کي نظرانداز ڪرڻ جهڙو آهي، وفاقي حڪومت 90 ڏينهن گذرڻ باوجود سي سي آءِ اجلاس ناهي گهرايو، جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي.
رضا رباني چيو ته سنڌ حڪومت جي درخواست تي فوري طور سي سي آءِ اجلاس طلب ڪرڻ گهرجي، چولستان ڪينال پراجيڪٽ تي سنڌ جي خدشن کي ڏسندي بحث ڪرڻ گهرجي.
You might also like