آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دوري لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دوري لاءِ ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ٽيم آسٽريليا ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي، جڏهن ته زمبابوي جي دوري ۾ به 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون.
آسٽريليا جي دوري لاءِ ون ڊي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم، عبدالله شفيق، محمد رضوان، صائم ايوب، سلمان علي آغا، شاهين آفريدي، عامر جمال، عرفات منهاس، فيصل اڪرم، حارث رئوف، ڪامران غلام، محمد حسنين، حسيب الله، عرفان خان، نسيم شاهه شامل آهن.
ڪينگروز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ بابر اعظم، عرفات منهاس، حارث رئوف، حسيب الله، جهانداد خان، عباس آفريدي، محمد رضوان، محمد عرفان خان، عمير بن يوسف، صاحبزادا فرحان، سلمان علي آغا، شاهين آفريدي، صائم ايوب، سفيان مقيم ۽ عثمان خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پڌرائيءَ موجب زمبابوي جي دوري لاءِ بابر اعظم، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي کي آرام ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.