لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران وائيٽ بال فارميٽ لاءِ نئين ڪپتان جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته سلمان علي آغا کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
بابر اعظم جي حوالي سان هن چيو ته اسان چاهيون ٿا بابر فارم ۾ واپس اچي، هو پاڪستان جو هڪ اثاثو آهي، بابر مون سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته ڪپتان طور نٿو کيڏڻ چاهيان، بابر اعظم گيم تي فوڪس ڪرڻ چاهيو.
فخر زمان بابت پڇيل سوال تي محسن نقوي چيو ته فخر زمان جي ٽوئيٽ جو ايشو آهي پر وڌيڪ مسئلو فٽنيس جو آهي، فخر زمان کي شوڪاز جو مسئلو به آهي.
You might also like