اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هڪ يوٽيوبر طرفان چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي تصوير ڪڍڻ تي سپريم ڪورٽ جي ايس پي سيڪيورٽي کي هٽايو ويو.
ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ جي مسجد ۾ نماز پڙهي رهيو هو، هن جيئن کي سلام ورايو ته اتي موجود يوٽيوبر سندس تصوير ڪڍي ورتي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس سيڪيورٽي اسٽاف کي گهرائي پڇيو ته ايس پي سيڪيورٽي ڪٿي آهي؟ جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته ايس پي سيڪيورٽي سرڪاري ميٽنگ لاءِ نڪتل آهي.
ذريعن موجب چيف جسٽس ايس پي سيڪيورٽي جي سپريم ڪورٽ مان بدلي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ نئين ايس پي سيڪيورٽي چارج سنڀالي ورتي آهي.
چيف جسٽس يوٽيوبر طرفان تصوير ڪڍڻ تي ايس پي سيڪيورٽي سپريم ڪورٽ کي هٽرائي ڇڏيو
Prev Post
You might also like