ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جيل کاتي جي آفيسرن جي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت طرفان جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب سينيئر ۽ جونيئر آفيسرن جون پگهارون پوليس آفيسرن جي برابر ڪيون ويون آهن.
آءِ جي جيل جي پگهار ۾ 80 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي، اي آءِ جي ۽ سينيئر سپرنٽينڊنٽ گريڊ 19 جي آفيسرن لاءِ 66 هزارن جي واڌ عمل ۾ آندي وئي آهي.
ايس پي ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي پگهارن ۾ 51200 رپيا واڌ، اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ لاءِ ماهوار 29200 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.
اهڙي ريت اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر، هيڊ ڪانسٽيبل ۽ ٻين کي واڌو 19688 رپيا ملندا.
You might also like