اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا بجلي 86 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا آگسٽ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 86 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نيپرا چيو ته بجلي اگهن ۾ لاٿ جو رليف واهپيدارن کي آڪٽوبر جي بلن ۾ ملندو، جڏهن ته جن واهپيدارن کي بل وصول ٿي چڪا آهن، انهن کي رليف نومبر جي بلن ۾ ملندو، بجلي ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ سستي نه ٿيندي.
نيپرا ٻڌايو ته سي پي پي اي 57 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي.
You might also like