تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي ذاتي رهائشگاهه تي ڊرون حملو ٿيو آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب ڊرون حملي ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي قيساريا جي علائقي ۾ ذاتي رهائشگاهه کي نشانو بڻايو ويو، حملي وقت نيتن ياهو ۽ سندس فيملي گهر ۾ موجود نه هئي، حملو حزب الله طرفان ڪيو ويو.
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل مختصر بيان ۾ حملي جي تصديق ڪندي چيو ويو ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
اسرائيلي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته تل ابيب ڏانهن لبنان مان فائر ڪيل ٻه ڊرون ڪيرايا ويا.
Next Post
You might also like