اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخصوص سيٽن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو اليڪشن ايڪٽ ترميم تي عملدرآمد جو امڪان آهي.
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اڃا تائين مخصوص سيٽن تي اليڪشن ايڪٽ ترميم تي عملدرآمد جو فيصلو ناهي ڪيو پر ڪميشن جو اليڪشن ايڪٽ ترميم تي عملدرآمد جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جا فيصلا موجود آهن ته قانون ۾ ترميم جي صورت ۾ نئين قانون تي عملدرآمد ٿيندو.
اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ سي ايم اي موجود آهي، جنهن ۾ سوال آهي ته اليڪشن ايڪٽ تي عمل ڪري يا سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي.
اليڪشن ڪميشن ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي اڃا تائين ٻڌڻي ناهي ٿي، هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي کان درخواست پينڊنگ ۾ پيل آهي، سي ايم اي تي اڃا تائين ڪيس ناهي لڳو ۽ ٻڌڻي ناهي ٿي.
Prev Post
You might also like