ڇهين ايشين تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي پهرين پوزيشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇهين ايشين اوپن ڪيوروگي تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ٽيم جا 12 رانديگر شامل هئا.
پاڪستان تائيڪوانڊو ٽيم ايونٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان پهرين، قازقستان ٻي ۽ ملائيشيا ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
پاڪستان تائيڪوانڊو جي صدر ليفٽيننٽ ڪرنل وسيم احمد، سيڪريٽري جنرل مرتضيٰ بنگش، سنڌ تائيڪوانڊو جي صدر ڪامران قمر قريشي، نائب صدر وقاص شيخ قومي تائيڪوانڊو ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي.
پاڪستان جي شاهه زيب گولڊ ميڊل حاصل ڪري پاڪستان جو پرچم اوچو ڪيو، ايونٽ ۾ بهترين ٽيم جو ايوارڊ پاڪستان حاصل ڪيو، جڏهن ته شاهه زيب بهترين ايٿليٽ رهيو ۽ بهترين ڪوچ جو ايوارڊ يوسف ڪرمي ماڻيو.
پاڪستان تائيڪوانڊو ٽيم ۾ شاهه زيب (54 ڪلو گرام) ڪيٽيگري ۾ گولڊ، هارون (58 ڪلو گرام) ڪيٽري ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، جڏهن ته ابوبڪر (58 ڪلو گرام) جي ڪيٽيگري ۾ چاندي، احتشام الحق (87 ڪلو گرام) ڪيٽيگري ۾ چاندي، حمزا عمر آرمي به (87 ڪلو گرام) ڪيٽيگري ۾ چاندي جو ميڊل حاصل ڪيو.
پاڪستان جي مظهر (80 ڪلو گرام) ڪيٽيگري ۾ ڪانسي جو ميڊل حاصل ڪيو، نعمان خان (63 ڪلو گرام) ڪيٽيگري جو، سعود (63 ڪلو گرام) ڪيٽيگري جو، محمد ارباز خان (68 ڪلو گرام) ڪيٽيگري جو ڪوارٽر فائنل هارائي ويا.
عورتن جي مقابلن ۾ پاڪستان جي منيشا گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، مليحه علي جي ڪيٽيگري ۾ ڪانسي جو ميڊل حاصل ڪيو، جڏهن ته نور رحمان ڪوارٽر فائنل ۾ هارائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.