اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي ملاقات ٿي آهي.
ملاقات شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ٿي ۽ مانجهاندي ۾ اسحاق ڊار ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر سان گڏ ويٺو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي درخواست تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن کي گڏ ويهاريو ويو ۽ پرڏيهي وزارت ٻنهي کي گڏ ويهارڻ لاءِ سٽنگ اريجمنٽ تبديل ڪيو.
ذريعن موجب ڀارتي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني پرڏيهي وزير وچ ۾ گفتگو کي في الحال ظاهر نه پيو ڪيو وڃي.
ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر ايس سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ڀارت روانو ٿي ويو.
هن مهمان نوازي تي وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.
You might also like