راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ – سعودي ٻه طرفي دفاعي صنعتي فورم جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي صلاحيتن ۾ دفاعي صنعتي سهڪار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب فورم جو ستون اجلاس 10 آڪٽوبر تي سعودي عرب جي تخت گاهه رياض ۾ ٿيو، هٿياربند فوج جي وفد جي قيادت ليفٽيننٽ جنرل محمد اويس دستگير ڪئي، جڏهن ته سعودي وفد جي قيادت دفاع بابت مددگار وزير انجنيئر طلال بن عبدالله العتيبي ڪئي.
ان موقعي تي چيف آف جنرل اسٽاف رائل سعودي ڊفينس فورسز جي صلاحيت ۾ واڌ لاءِ پاڪستان جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو، سعودي وفد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين ۽ قربانين کي ساراهيو.
فورم عالمي ۽ علائقائي سلامتي کي پيش چئلينجن ۽ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۾ تيز رفتار ترقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم آهي.
فورم موجب ٻنهي ملڪن جي صلاحيت ۾ دفاعي صنعتي سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اجلاس ۾ نون شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو.
Next Post
You might also like