ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه اڄ به چڙهي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 166 رپيا واڌ کانپوءِ پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 75 هزار 500 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام سون 1372 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 36 هزار 197 رپين جو ٿي ويو.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به سون 16 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2656 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
You might also like