حڪومت 25 آڪٽوبر کان اڳ آئيني ترميم منظور ڪرائي ڇڏيندي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت 25 آڪٽوبر کان اڳ آئيني ترميم منظور ڪرائي ڇڏيندي.
زرداري هائوس اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني ترميم لاءِ ٽائم لائن جو مسئلو ناهي، حڪومت جلدي گهٻرائجي ويندي آهي، جيڪو سياست ۾ ڊڄي ويو اهو مري ويو، 25 آڪٽوبر کان اڳ ترميم منظور ڪرائي ويندي.
هن چيو ان ڳالهه سان ڪو فرق نٿو پئي ته چيف جسٽس ڪير هوندو، نه ئي ترميم لاءِ ڪا ڊيڊ لائن آهي پر ان ڳالهه سان ضرور فرق پئي ٿو ته ڪنهن به چيف جسٽس جو طرز عمل افتخار چوڌري جهڙو نه هجڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان آئيني عدالت ۽ عدالتي سڌارن سان متفق آهي پر ترميم جي مسودن تي مشاورت جاري آهي، پ پ جي نظر ۾ صوبن ۾ به آئيني عدالتون هجڻ گهرجن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت آرٽيڪل 8 ۽ 51 ۾ ترميم ڪرڻ چاهي، جنهن کي پ پ ۽ جي يو آءِ رد ڪيو.
پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عمران خان اڄ به سياستدانن بدران اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن هو سياسي فيصلا ڪري ها ته اڄ به وزيراعظم هجي ها، هاڻ سندس مستقبل روشن ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.