اتر ڪوريا، ڏکڻ ڪوريا سان زميني رابطو ڪاٽي ڇڏيو

پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا ڏکڻ ڪوريا سان زميني رابطو ڪاٽي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا ڏکڻ ڪوريا سان رابطي لاءِ روڊن ۽ ريلوي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اتر ڪوريا جي فوج جو چوڻ آهي ته اڄ کان ڏکڻ ڪوريا لاءِ روڊن ۽ ريلوي کي مڪمل طور بند ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته سرحدي علائقن جي سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.
اتر ڪوريا جي فوج اهو به چيو ته هي قدم ڏکڻ ڪوريا ۾ دشمن سان ٿيندڙ جنگي مشقن جو جواب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.