ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي صوبائي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو ڪردار اهم بڻجي چڪو ويو آهي، جمهوريت کي برقرار رکڻ لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون.
صحافين سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته پي ٽي آءِ باني کي سزا عدالت ٻڌائي آهي ته آزادي لاءِ به عدالت سان رابطو ڪري، اسان انهن مان ناهيون، جيڪي ووٽ جي عزت ناهن ڪندا، بلاول ڀٽو به پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته احتجاج جي نالي تي جمهوريت تي حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، شرط مڃي جلسي جي اجازت ورتي وئي، اسلام آباد اچڻ کان ڪنهن کي نٿا روڪي سگهون پر اهي ڪن ڇا ٿا؟
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته صوبن جي مرضي بنا ارسا ايڪٽ ۾ ترميم نٿي ٿي سگهي.
Next Post
You might also like