اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فلسطينين تي ظلم تي دنيا خاموش آهي، آواز اٿارڻ لاءِ ماهرن جو هڪ گروپ ٺاهي اهم ملڪن ۾ موڪلينداسين.
فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف آل پارٽيز ڪانفرنس جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري ۽ شرڪت ڪندڙ سڀني سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا.
هن چيو ته اهم مسئلي تي سموري سياسي ۽ مذهبي قيادت جو سهڪار روشن مثال آهي، اي پي سي ۾ سڀني جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ويو، اها اجتماعي سوچ مون سميت سڀني لاءِ حوصلا افزائي جهڙي آهي.
سندس چوڻ هو ته فلسطين ۾ رتوڇاڻ بند ڪرائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، ان لاءِ اسلامي سهڪار تنظيم جو پليٽ فارم آهي، اڄ ئي ماهرن جو هڪ گروپ ٺاهينداسين، جيڪو فلسطين مسئلي تي دنيا جي اهم ملڪن ۾ وڃي پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جو پيغام پهچائيندو.
You might also like