بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزارت ڪراچي ۾ چيني قافلي تي آپگهاتي حملي جي ردعمل ۾ مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان سي پيڪ، چيني شهرين، چيني پراجيڪٽ ۽ ادارن جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کڻي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب چيني شهرين تي ٿيل حملي تي گهري ڳڻتي آهي ۽ ان جي مذمت ڪيون ٿا، دهشتگردي انسانيت جي گڏيل دشمن آهي، پاڪ چين اعتماد، سهڪار ۽ سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جون دهشتگرد قوتن جون ڪوششون ڪڏهن ڪامياب نه ٿينديون ۽ چين دهشتگردي خلاف ڪوششن ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو.
ترجمان چيو ته پاڪ چين لاڳاپا متاثر ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، چين پاڪستاني اختيارين کي زخمين جي هر ممڪن داد رسي ۽ دهشتگردي حملي جي مڪمل جاچ ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي درخواست ڪري ٿو.
پاڪستان سان لاڳاپن ۽ سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪڏهن ڪامياب نه ٿينديون: چين
Prev Post
You might also like