مائيڪرو سافٽ جي اي آءِ چيٽ بوٽ کي واٽس ايپ تي استعمال ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو

جيڪڏهن اوهان کي واٽس ايپ تي ميٽا اي آءِ گهڻو پسند ناهي ته مائيڪرو سافٽ جي مصنوعي ذهانت ( اي آءِ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل ڪوپائيلٽ اسسٽنٽ کي به ميسجنگ سروس جو حصو بڻائي سگهو ٿا.
مائيڪرو سافٽ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن ذريعي اوهان ان ايڊوانسڊ اي آءِ اسسٽنٽ کي واٽس ايپ ۾ استعمال ڪري سگهو ٿا.
ڪمپني موجب، فيچر جو مقصد واهپيدارن کي هڪ اهڙو سگهارو ٽول فراهم ڪرڻ آهي جنهن ذريعي هو واٽس ايپ تي روز مره جا مختلف ڪم ڪار وڌيڪ اثرائتي طريقي سان انجام ڏئي سگهن.
ڪوپائيلٽ مختلف ڪمن ۾ واهپيدارن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو جنهن ذريعي ڪنهن به موضوع بابت تفصيل حاصل ڪرڻ، دستاويز لکڻ يا ڪنهن ويب پيج جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو،
ڪوپائيلٽ کي واٽس ايپ ۾ استعمال ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو
واٽس ايپ ۾ ڪوپائيلٽ کي شامل ڪرڻ انتهائي سولو آهي، ان لاءِ مائيڪرو سافٽ جي آفيشل ويب سائيٽ تي وڃي ڪيو آر ڪوڊ کي اسڪين ڪريو.
ڪوڊ اسڪين ٿيڻ کانپوءِ اي آءِ اسسٽنٽ اوهان جي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ شامل ٿي ويندو جنهن کانپوءِ اوهان جڏهن چاهيو ان سان چيٽ ذريعي ڪري سگهو ٿا.
اهم ڳالهه اِها آهي ته انگريزيءَ کانسواءِ به ٻين ٻولين ۾ ڪو پائيلٽ سان رابطو ڪري سگهجي ٿو، اي آءِ ٽول کان اوهان لکت ۾ هدايتن ذريعي تصويرون به تيار ڪرائي سگهون ٿا.
ڊيل اي ٿري ٽيڪنالوجي ڪوپائيلٽ جو حصو آهي جنهن جي مدد سان هو ڪنهن ڊجيٽل آرٽسٽ جيان ڪم ڪري ٿو ۽ اوهان جي خيالن کي ڪجهه سڪينڊن ۾ تصويري صورت ۾ بدلائي ڇڏيندو.
مائيڪرو سافٽ موجب، واهپيدارن جي پرائيويسي جو تحفظ پڻ يقيني بڻايو ويو آهي ۽ صارف جڏهن چاهي پنهنجي ڊيٽا کي اي آءِ اسسٽنٽ تان ڊليٽ ڪري سگهي ٿو.
ڪمپني موجب، موبائيل ڊيوائسز سان گڏوگڏ واٽس ايپ ويب تي به ڪوپائيلٽ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.