علي امين گنڊاپور اوچتو منظر تي اچي ويو، ڪي پي اسيمبلي کي خطاب

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور 30 ڪلاڪن جي پراسرار گمشدگي کانپوءِ ڊرامائي طور اوچتو صوبائي اسيمبلي پهچي ويو، ميمبر کيس ڏسي حيران ٿي ويا.
علي امين گنڊاپور جي گمشدگي سبب خيبر پختونخواهه اسيمبلي جو اڄ طلب ڪيل هنگامي اجلاس 5 ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، جنهن ۾ علي امين جي گمشدگي بابت ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.
ان کانپوءِ علي امين گنڊاپور اوچتو اسيمبلي پهچي ويو، سندس آمد تي ايوان ۾ نعريبازي ڪئي وئي.
اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته سڄي پاڪستان جي عوام کي سلام پيش ڪيان ٿو ته اهي پي ٽي آءِ باني سان گڏ بيٺا آهن.
هن چيو ته اسان جلسي جي اجازت گهري پر نه ڏني وئي، منصوبابندي سان اسان جي پارٽي تي حملو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.