اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي دفاعي منصوبن لاءِ 45 ارب رپين جي سپليميٽري گرانٽ سميت اهم منصوبن لاءِ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ٿيو، جتي اي سي سي اينٽي ريبيز ويڪسين جي قيمت ۾ واڌ جي منظوري ڏني، جنهن تحت في وائل قيمت 891.65 رپين مان وڌائي 1980 رپيا ڪئي وئي ۽ واڌو قيمت امپورٽ ٿيل مواد جي خرچ کي پورو ڪندي.
اجلاس ۾ دفاعي منصوبن لاءِ 45 ارب رپين جي سپليمينٽري گرانٽ منظور ڪئي وئي ۽ موجوده مالي سال ۾ مختلف دفاعي منصوبن لاءِ فنڊ فراهم ڪيا ويندا.
Prev Post
You might also like