اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي وڊيو لنڪ حاضري نه لڳرائڻ تي اڊيالا جيل اختيارين کي هڪ ڀيرو ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف لانگ مارچ ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جج طاهر عباس ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ باني جي حاضري بابت جيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته انٽرنيٽ دستياب ناهي، آن لائن حاضري نٿي ٿي سگهي، گذريل ڏينهن به اها ئي رپورٽ آئي هئي، جنهن تي شوڪاز جاري ڪيو هو، اڄ ٻيهر ڪري رهيا آهيون.
جج وڌيڪ چيو نوٽيس ۾ لکنداسين ته جيڪڏهن انٽرنيٽ ناهي ته پي ٽي آءِ باني کي عدالت ۾ پيش ڪيو.
پوءِ عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 21 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like