اسرائيل جو بيروت تي حملو، 9 ڄڻا مارجي ويا

بيروت (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي جنگي جهازن لبنان جي راڄڌاني بيروت جي مرڪز ۾ هڪ عمارت کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا.
اسرائيلي جهازن خميس جي صبح بيروت ۾ ڪل 17 حملا ڪيا، جن مان هڪ ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ٻيا ڪيترائي زخمي ٿيا.
اسرائيلي جيٽ جهازن طرفان نشانو بڻيل عمارت لبناني پارليامينٽ، وزيراعظم جي رهائشگاهه ۽ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر جي ويجهو آهي.
اطلاعن موجب اسرائيلي حملي ۾ حزب الله جي ريسڪيو ٽيم کي نشانو بڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.