جماعت اسلامي جو اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد گهرواري سوڌو گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي گرفتار ڪري ورتو.
اسلام آباد پوليس طرفان مشتاق احمد جي گهرواري کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.
اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد سوڌو 10 احتجاج ڪندڙن کي اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي.
مشتاق احمد سيو غزا ڪيمپين جي اهتمام هيٺ نيشنل پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪري رهيو هو، کيس قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.