جيڪب آباد ۾ عورت پوليو ورڪر سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۾ عورت پوليو ورڪر سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي.
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ارشاد سرڪي موجب پوليو ورڪر جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ زيادتي ثابت ٿي وئي آهي.
هن ٻڌايو ته لمس يونيورسٽي ليبارٽري ڄامشورو زيادتي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب متاثر عورت ۽ جوابدار احمد جکراڻي جا نمونا ميچ ڪري ويا، عورت سان زيادتي جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.
واضح رهي ته عورت پوليو ورڪر کي 11 سيپٽمبر تي پوليو روڪ مهم دوران زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.