عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) مشن جي سربراهه ناٿن پورٽر چيو آهي ته گذريل سال پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جي واپسي ٿي ۽ ترقي ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.
انگريزي اخبار ۾ لکيل مضمون ۾ ناٿن پورٽر چيو ته مهانگائي ۾ ڊرامائي گهٽتائي ٿي آهي ۽ ناڻي مٽاسٽا جي شرح مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ پرڏيهي ذخيرا ٻيڻ کان وڌي ويا آهن.
آءِ ايم ايف مشن لکيو آهي ته 2023 جي وچ ۾ پاڪستان ۾ غير يقيني جي صورتحال ڏسندي هن تبديلي جي رفتار ذڪر جوڳي آهي.
هن چيو ته پائيدار ۽ مضبوط ترقي ڏانهن اڳڀرائي هاڻ به پاڪستان لاءِ چئلينج آهي، ڇو ته ماضي ۾ ان ڏانهن کنيل هر قدم پاڪستان کي اڳ کان وڌيڪ ڪمزور ۽ قرضي ڪيو آهي.
You might also like