سوات ۾ سفاتڪارن تي حملو، ڊي آءِ جي ۽ ڊي پي او کي عهدي تان هٽايو ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ) سوات ۾ پرڏيهي سفارتڪارن جي قافلي تي حملي تي ڊي آءِ جي مالاڪنڊ ۽ ڊي پي او سوات کي عهدي تان هٽايو ويو.
سرڪاري اختيارين موجب ڊي آءِ جي محمد علي گنڊاپور ۽ ڊي پي او زاهد الله کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب سوات جي علائقي مالم جبه ۾ 22 سيپٽمبر تي پرڏيهي سفارتڪارن جي قافلي تي ڌماڪو ٿيو هو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿيا هئا، ڌماڪي ۾ سمورا سفارتڪار محفوظ رهيا هئا
هوڏانهن صوبائي حوڪمت طرفان جاچ لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي انويسٽيگيشن ۽ اسپيشل گهرو سيڪريٽري شامل آهن.
ذريعن موجب ڪميٽي واقعي جي مختلف رُخن سان جاچ ڪندي ۽ تفصيلي رپورٽ تيار ڪري صوبائي حڪومت کي جمع ڪرائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.