اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي کي ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪيو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر 3 صفحن تي ٻڌل آرڊر جاري ڪندي چيو ته يونيورسٽي ايندڙ حڪم تائين ٽيسٽ جا نتيجا جاري نه ڪري.
عدالت 26 سيپٽمبر لاءِ صحت واري وزارت سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
حڪم نامي ۾ چيو ويو ته عدالت کي اڄ ٻڌايو ويو ته اڃا تائين يونيورسٽي نتيجن جو اعلان ناهي ڪيو، ايڊيشنل اٽارني جنرل يونيورسٽي کي اسٽي آرڊر بابت فوري طور اطلاع ڏئي.
واضح رهي ته ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ڏيندڙ شاگردن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪندي چيو هو ته پرچي ۾ 20 کان وڌيڪ سوال اهڙا هئا، جيڪي نصاب کان ٻاهر جا هئا، ٻيهر امتحان ورتو وڃي.
Prev Post
You might also like