اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي.
آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جورجيوا جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي ايجنڊا به شامل هئي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان کي 30 سيپٽمبر تائين 1.1 ارب ڊالرن جي پهرين قسط ملڻ جو امڪان آهي، قرض پروگرام منظوري کانپوءِ ٻي قسط به هن ئي مالي سال ايندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو قرض 5 سيڪڙو وياج جي شرح کان گهٽ تي ملندو.
Prev Post
Next Post
You might also like