معمولي دوا سان دماغي ٽيومر جو علاج ممڪن

تازي تحقيق ۾ سائنسدانن هڪ عام اينٽي ڊپريسنٽ دوا ”ورٽيوڪسٽين“ جي دماغي ٽيومر خلاف اثرائتي دريافت ڪئي آهي، جيڪا دماغ جي سڀ کان عام ۽ تيز رفتار ٽيومر گليوبلاسٽومه جي علاج ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
سوئٽزرلينڊ جي يونيورسٽي اسپتال زيورخ جي سائنسدان طرفان مريضن لاءِ ڪلينيڪل ٽرائل شروع ڪيو پيو وڃي، ان ٽرائل ۾ مريضن کي ورٽيوڪسٽين سان گڏ معياري علاج ڏنو ويندو.
نيورولاجي جي شعبي جي ڊائريڪٽر پروفيسر مائيڪل ويلر چيو ته ورٽيوڪسٽين جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها محفوظ ۽ گهٽ خرچ واري آهي، ڇو ته اها دوا اڳ ئي منظور ٿيل آهي، تنهن ڪري ان کي وڌيڪ منظوري جي ضرورت ناهي.
گليوبلاسٽومه ٽيومر تمام گهڻو جارحاڻو هوندو آهي ۽ اڪثر آخري مرحلي ۾ ان جي سڃاڻپ ٿيندي آهي، ان جو سراسري عمر جو ڪاٿو 12 کان 18 مهينا آهي.
اڪثر ڪينسر جون دوائون، جيڪي ”بلڊ برين بيريئر“ کي پار ناهن ڪري سگهنديون، اهي ٽيومر خلاف اثرائتيون ناهن پر ورٽيوڪسٽين ان رنڊڪ کي پار ڪرڻ جي صلاحيت ڏيکاري آهي.
ان تحقيق ۾ مختلف دوائن جو تجربو ڪيو ويو ۽ ورٽيوڪسٽين ٻين اينٽي ڊپريسنٽس ۾ سڀ کان اثرائتي ثابت ٿي.
ڪوئن تي ڪيل تجربن به ان جي اثرائتي اثر کي ثابت ڪيو، خاص طور تي جڏهن ان کي سرجري، ڪيموٿراپي ۽ تابڪاري سان گڏ استعمال ڪيو ويو.
پروفيسر ويلر مريضن کي پاڻ علاج ڪرڻ کان منع ڪيو آهي، ڇو ته انسانن ۾ ان دوا جو اثر ۽ صحيح خوراڪ جي اڃا خبر ناهي.
دي برين ٽيومر چيريٽي جي چيف سائنٽفڪ آفيسر ڊاڪٽر سائمن نيومين چيو ته گليوبلاسٽومه لاءِ نئين علاج جي ڳولا ۾ اهو ترقي جي اميد جو ڪرڻو آهي، اها تحقيق دماغي ٽيومرز جي علاج ۾ نون امڪانن ڏانهن اشارو ڪري ٿي ۽ اميد آهي ته مستقبل ۾ ورٽيوڪسٽين جي استعمال سان مريضن کي فائدو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.