ناليواري مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ، شيخ فارق نائيڪ سان گڏ پاڪستان جي دوري جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايڪس تي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي آفيشل اڪائونٽ تان ڪيل هڪ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو ويو ته پاڪستان حڪومت جي دعوت تي ذاڪر نائيڪ ۽ شيخ فارق نائيڪ پاڪستان جو دورو ڪندا.
سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ذاڪر نائيڪ جي پاڪستان دوري جو شيڊيول به موجود هو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هو ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندو.
سوشل ميڊيا تي جاري شيڊيول موجب ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ 5، 6 آڪٽوبر تي ڪراچي، 12، 13 آڪٽوبر تي لاهور، جڏهن ته 19 ۽ 20 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ خطاب ڪندو.
You might also like