سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته آئيني ترميم بابت مسودو ڳجهو ناهي رکيو ويو، اِهو پبلڪ ڊاڪيومينٽ آهي، آئيني ترميم ضرور ٿيندي پي ٽي آءِ به ڊسمبر تائين وقت گهريو آهي.
هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته عمران خان ايتريون وارداتون ڪيون آهن جو سندس لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت ناهي.
هن چيوته پي ٽي آءِ باني پنهنجو پاڻ کي هر شئي جو محور سمجهي ٿو، هن چار سال جيڪي ڪارناما ڪيا انهن تي نظر ڊوڙايو، نوَ مئي تي بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
وفاقي وزير چيو ته نوَ مئي واري واقعي ۾ فوج جي اداري ۾ به ماڻهو موجود هئا جيڪي فيض حميد جا ساٿاري هئا.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جڏهن کان گرفتار ٿيو آهي تڏهن کان ٻه ٽي ڀيرا چئي چڪو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪندس.
سندس چوڻ هو ته ججن جي مقرريءَ وارو سڄو معاملو جڊيشري وٽ آهي هڪ، هڪ چيمبر ۾ پنج، پنج وڪيل جج آهن، سياستدانن جو احتساب ٿيندو آهي، ڪيس به ٺهندا آهن ۽ پگهارون رڳو ٻه لک آهي، ججن کي جهجهيون پگهارون به ملنديون آهن ۽ مراعتون به پر 27 لک ڪيس عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن.
خواجا آصف چيو ته آئيني ترميم جو مقصد احتساب ئي نه پر ادارن ۾ طاقت جو توازن آهي.
You might also like