بنگلاديش جو ڀارت کان شيخ حسينا واجد جي حوالگي جو مطالبو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي پراسيڪيوٽر ڀارت کان حسينا واجد جي حوالگي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش جي انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل جي چيف پراسيڪيوٽر محمد تاج السلام صحافين سان گفتگو ۾ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم تي جنگي ڏوهن تحت ڪيس داخل آهن، هوءَ ملڪ مان فرار ٿي چڪي آهي پر اسان کيس واپس آڻڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪنداسين.
هن چيو ته حسينا واجد ملڪ ۾ اپوزيشن جماعتن ۽ مخالفن جي قتل عام ۾ ملوث رهي آهي، کيس سخت سزا ڏيارينداسين.
واضح رهي ته بنگلاديش جو ڀارت سان جوابدارن جي حوالگي جو معاهدو آهي، جنهن تي 2013 ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون پر معاهدي جي هڪ شق تحت جيڪڏهن ڏوهه ”سياسي نوعيت“ جو هجي ته حوالگي کان انڪار ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.