ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي نيوٽريشنسٽ اداڪارا جي ڊائٽ پلان بابت انڪشاف ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب تازو ڪترينا ڪيف جي نيوٽريشنسٽ شويتا شاهه ۽ يوگا ٽرينر شلوڪا انٽرويو ڏيندي ڪترينا ڪيف جي ڊائٽنگ جي حوالي سان ٻڌايو.
هنن ٻڌايو ته ڪترينا گهر جي کاڌي کي ترجيح ڏيندي آهي ۽ ٻاهر کي کاڌن کان پاسو ڪندي آهي، ايتري تائين جو هوءَ شوٽنگ تي به گهر جو کاڌو کائيندي آهي.
ان کانسواءِ هوءَ چست رهڻ لاءِ منجهند ۽ رات جي کاڌي کانپوءِ 100 قدم لازمي هلندي آهي.
ڪترينا ڪيف جي ڊائٽ پلان ۾ لوڪي ۽ آنورن جو جوس به شامل آهي، جڏهن ته اداڪارا ڪاري ڪشمش ۽ وڏڦن جو استعمال به ڪندي آهي.
Next Post
You might also like