اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سڀني وفاقي سرڪاري ملازمن لاءِ نئين ڪنٽريبيوٽري پينشن فنڊ اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي.
وفاقي حڪومت طرفان متعارف ڪرايل پينشن اسڪيم جي حوالي سان ناڻي واري وزارت آفيس ميمورنڊم جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اها اسڪيم انهن سڀني ملازمن تي لاڳو ٿيندي، جيڪي پهرين جولاءِ 2024 يا ان کانپوءِ مستقل بنيادن تي ڀرتي ڪيا ويندا.
ميمورنڊم موجب اسڪيم ۾ دفاعي بجيٽ مان پگهار کڻندڙ سويلين ملازم به شامل آهن، اها اسڪيم پهرين جولاءِ 2025 يا ان کانپوءِ مستقل بنيادن تي ڀرتي ٿيندڙ هٿياربند فوج جي اهلڪارن تي به لاڳو ٿيندي.
Prev Post
Next Post
You might also like