ويسٽ انڊيز جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر نڪولس پوران، ڪرس گيل جو هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
جارح مزاج بيٽر پوران سال 2024 ۾ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 139 ڇڪا هنيا، ان کان اڳ اهو رڪارڊ ويسٽ انڊيز جي ئي ڪرس گيل وٽ هو.
گيل 2015 ۾ 36 اننگز ۾ 135 ڇڪا هنيا هئا، جڏهن ته نڪولس پوران 57 اننگز ۾ 139 ڇڪا هنيا آهن.
پوران اهو رڪارڊ ڪيريبيئن پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ 43 بالن تي 97 رنسن جي اننگز دوران پنهنجي نالي ڪيو، جنهن ۾ هن 9 ڇڪا هنيا.
You might also like