اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي دفاعي شعبي جي آڊٽ ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.
آڊيٽر جنرل آف پاڪستان طرفان دفاعي سروسز جي مختلف شعبن ۾ اڳواٽ ادائيگين، پروڪيورمينٽ جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ۽ غير مجاز ڪمن جهڙي ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
آڊيٽر جنرل آف پاڪستان اختيارين کان داخلي ڪنٽرول بهتر بڻائڻ ۽ ذميورن جو پتو لڳائڻ تي زور ڏنو آهي.
آڊٽ ۾ چيو ويو آهي ته دفاعي سروسز لاءِ مالي سال 23-2022 جي اصل بجيٽ طور 15.3 کرب رپيا مختص ڪيا ويا هئا، جنهن کي پوءِ سپليمينٽري گرانٽس ذريعي وڌائي 15.92 کرب رپيا ڪيو ويو.
آڊٽ رپورٽ ۾ گذريل 40 سالن دوران آڊٽ اعتراضن سان دفاعي فارميشنز جي ناقص تعميل جي شرح تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڪورس کي درست ڪرڻ ۽ اڪائونٽس کي ريگولرائز ڪرڻ جون ڪوششون ناڪافي آهن.
You might also like