ملڪ ۾ 3 ورهين کانپوءِ مهانگائي سنگل ڊيجيٽ تي اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان مهانگائي تي ضابطي لاءِ کنيل قدمن جا اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ ملڪ ۾ 3 سالن کانپوءِ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجيٽ تي اچي وئي، سالياني بنيادن تي گذريل مهيني آگسٽ ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو رهي.
وفاقي ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل مهانگائي جي ماهوار رپورٽ موجب ماهوار بنيادن تي آگسٽ ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو رهي، گذريل سال آگسٽ 2023 دوران مهانگائي 27.4 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي، جڏهن ته آگسٽ 2022 دوران مهانگائي جي شرح 27.3 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي.
رپورٽ موجب ٻهراڙي جي علائقن جي ڀيٽ ۾ شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهي، آگسٽ ۾ شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 11.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 6.7 سيڪڙو رهي آهي.
ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب ماهوار بنيادن تي بصر 23.62 سيڪڙو، بيضا في درجن 12.39 سيڪڙو، چڻن جي دال 4.55 سيڪڙو، پٽاٽا 2.90 سيڪڙو، تازو ۽ خشڪ کير ترتيب وار 1.27 ۽ 1.20 سيڪڙو مهانگا ٿيا.
رپورٽ موجب ماهوار بنيادن تي تازا ميوا 13.10 سيڪڙو سستا ٿيا، ٽماٽو 8.09 سيڪڙو، اٽي جي قيمت ماهوار بنيادن تي 3.40 سيڪڙو گهٽ ٿي، ماهوار بنيادن تي ڪڻڪ، بريڊ، سگريٽ به سستا ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.