اڀيشيڪ ۽ منهنجو جهيڙو ٿيو آهي: ايشوريا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مقبول جوڙي اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ پنهنجي ازدواجي زندگي بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي.

ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن جي شادي کي 17 سال ٿي ويا آهن.

سندن هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ جوڙو شادي جي شروعاتي سالن تي ڳالهائي ٿو.

سال 2010 ۾ هڪ انٽرويو دوران ٻنهي کان پاڻ ۾ جهيڙي بابت پڇيو ويو.

پوءِ ايشوريا راءِ جواب ڏنو ته اسان روز وڙهندا آهيون، زال جي جواب جي وضاحت ڪندي اڀيشيڪ بچن چيو ته اسان جو جهيڙو سنجيده ناهي هوندي پر ننڍين ننڍين ڳالهين تي اختلاف هوندا آهن ۽ تيز ٿيندا رهندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.