پاڪستان ۾ ڪهڙيون بينڪون ڀليون آهن؟ موڊيز جي ريٽنگ اپ ڊيٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موڊيز انويسترز سورس پاڪستان جي پنجن بينڪن جي ريٽنگ اپ گريڊ ڪري ڇڏي.

عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پنجن پاڪستاني بينڪن جي لانگ ٽرم ڊپازٽ ريٽنگ سي اي اي 3 مان بهتر ڪري سي اي اي 2 ڪئي وئي.

موڊيز طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب الائيڊ بينڪ لميٽڊ، حبيب بينڪ لميٽڊ، مسلم ڪمرشل بينڪ، نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۽ يونائيٽڊ بينڪ ڪميٽڊ درجي بندي ۾ بهتر ٿيون آهن.

ريٽنگ ايجنسي پنجن بينڪن لاءِ آئوٽ لڪ کي مستحڪم کان هاڪاري ۾ تبديل ڪيو .

ان جو مطلب اهو آهي ته موڊيز جو خيال آهي ته اهي مستقبل ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪنديون.

ٻئي پاسي پاڪستاني بينڪن جي بيس لائين ڪريڊٽ اسيسمينٽ به اپ گريڊ ڪري سي اي اي 2 ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.